بي ستون

بي سُتون: ايران جو هڪ ڳوٺ. هن ڳوٺ جي ويجهوئي اها پهاڙي ڇپ آهي، جنهن تي ميخي خط جي ڪتبن ۾ دارا اول جي تصوير اُڪريل آهي. ڪارين ڇِپن واري پهاڙ ۾ هخا منشي بادشاهن (پنجين صديءَ ق. م) ۽ ساساني حڪمرانن (7 صدي عيسويءَ) جا بت، ڪتبا ۽ تصويرون اڪريل آهن. پهاڙ جي ارد گرد موجود اهڙن آثارن مان لڳي ٿو ته انهن دورن ۾ هيءُ علائَقو نهايت آباد ۽ بارونق هوندو. هڪڙي هنڌ، هڪڙي سهڻي گهوڙي تي هڪ سوار جي تصوير آهي. مشهور آهي ته اُهو خسرو پرويز آهي. گهوڙو شبريز آهي ۽ شيرين بيٺي آهي. فارسي ادب ۾ بي ستون شهر مشهور آهي، جنهن سان شيرين ۽ فرهاد جو افسانو وابسته آهي.

لفظ بي ستونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0500.00.00  قبلِ مسيح

بي سُتون: ايران جو هڪ ڳوٺ . هن ڳوٺ جي ويجهوئي اها پهاڙي ڇپ آهي ، جنهن تي ميخي خط جي ڪتبن ۾ دارا اول جي تصوير اُڪريل آهي . ڪارين ڇِپن واري پهاڙ ۾ هخا منشي بادشاهن ( پنجين صديءَ ق . م ) ۽ ساساني حڪمرانن ( 7 صدي عيسويءَ ) جا بت ، ڪتبا ۽ تصويرون اڪريل آهن .

0700.00.00  عيسوي

قديم آثار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الھڏنو نل بازار
ڍولا ويرا
آسا پورا
الور
روپا ماڙي
اميناڻي
ٻلاري ڪوٽ
ٻنڀرو دڙو
دريا خان مريءَ جو منارو ۽ مندر
ٻاٻرو ماڳ
قديم آثار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون